15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز:کپرو: سيد ۽ راڄڙ برادرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو،9 زخمي

*کپري ويجهو زرعي پاڻي جي تڪرار تان سيد ۽ راڄڙ برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو فائرنگ  جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

روهڙو شاخ جي آبادگارن  جو پاڻي جي تڪرار تان سيد برداري ۽ راڄڙ برداري جي ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جيهڙي ۾  الياس راڄڙ  گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي  ويو.

فائرنگ  ۽ لٺيون توڙي ڪهاڙيون لڳڻ سبب حيات، امين ،  جمن راڄڙ، قربان علي شاهه، احمد علي شاهه، نيڪ محمد خاصخيلي، فيض محمد ڪنڊاڻي، دلو خاصخيلي سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا .

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي .

 ٻئي طرف علائقي ۾ ڇڪتاڻ آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل  نه ٿي سگهيو هو ……………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڇور: نهڙي برادري جي ماڻهن پاران انتقامي ڪاررواين خلاف احتجاج

ڇور ۾ سياسي بنيادن تي اڏاوتون ڍاهڻ خلاف نهڙي برادري جي ماڻهن پاران احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے