12 پیر , نومبر 2018

نيوز: ميرپور بٺورو: دڙي جي رھواسي  سماجي اڳواڻ  جو مطالبن جي مڃتا لاءِ انوکو  احتجاج

*ميرپور بٺورو ۾     دڙي جي رھواسي  سماجي اڳواڻ مطالبن جي مڃتا لاءِ انوکو  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

محمد خان منڇري    8 ورهين جي  معصوم شھزاد ملاح ۽ دلشاد ملاح  سميت  بس اسٽاپ تي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي محمد خان منڇري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  تھ  ملڪ مان  ڪرپشن ختم ڪري عدالتن کي آزاد ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

 هن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب زرعي زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن جنهن ڪري آبادگار تباهه ٿي رھيا آھن.

  ھن چيو ته مھانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،  مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام سان انصاف ڪيو وڃي.

 ھن چيو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ بٺورو کان سجاول تائين لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آھي،  جيڪو سڀاڻي شام 5 وڳي تائين سجاول پھچي ختم ڪيو ويندو……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | نوابشاهه: سخي ڄام ڏاتار جي ميلي ۾ ثقافتي گهوڙن جي ڊوڙ

رپورٽ | نوابشاهه: سخي ڄام ڏاتار جي ميلي ۾ ثقافتي گهوڙن جي ڊوڙ

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے