15 جمعرات , نومبر 2018

ايران افغان اقتصادي راهداري معاهدو

پاڪ چين اقتصادي راهداري کان پوءِ خطي جي تبديل ٿيندڙ معاشي صورتحال ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندرمودي تهران ۾ هندستان ايران افغان اقتصادي راهداري معاهدي تي ايران ۽ افغانسان جي صدر سان گڏجي صحيون ڪيون آهن.جهڙي طرح گوادر جي بندرگار ۽ ٽيڪس فري صنعتي زون جو ٺيڪو چاليهه سالن لاءِ چين جي حوالي ڪيو ويو آهي،ٻئي طرف گودار کان سو ڪلو ميٽر پري چاه بهار بندرگاه کي صنعتي زون ۾ تبديل ڪرڻ جا انتظام هندستان ڪندو.چاهه بهار بندرگاهه ۾ هڪ لک ٽن وزن کان وڌيڪ ڪارگو ٻيڙا اچي وڃي سگهندا، هندستان پاران 500 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ويو آهي، چاهه بهار بندر جي تعمير لاءِ پهرين مرحلي ۾ 200 ملين ڊالرن جي ڀارتي سرمائيڪاري سان هڪ ڪارگو ٽرمينل قائم ٿيندو جنهن کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ ويهه ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿيندي.جتي هڪ ڀارتي ڪمپني پاران المونيم پلانٽ گيس ڪريڪ پلانٽ ۽ ڀاڻ جا ڪارخانا لڳايا ويندا.ڀارت چاهه بهار رستي کان افغانستان جي صوبي باميان تائين 900 ڪلو ميٽر ڊگهي ريلوي لائين به تعمير ڪندو.جڏهن ته چين کان پوءِ ايراني تيل جو ٻيون نمبر وڏو خريدار هندستان آهي.ايران هڪ طرف چار بهار منصوبي جي سيڙپڪاري مان فائدو ته وٺندو ،پر ڀارت ايران ۽ افغانستان جا لاڳاپا به مظبوط ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شادي پلي: صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

* شادي پلي ۾  ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب شهر گندگي جي ڍير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے