19 جمعہ , اکتوبر 2018

چيف جسٽس ثاقب نثار طرفان ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪيو جتي ڊاڪٽرن ۽ شهرين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ پشاور رجسٽريءَ ۾ ٻڌڻي دوران الرازي ميڊيڪل کانپوءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪيو. آءِ جي ڪي پي آءِ سي يو سميت مختلف وارڊن جو جائزو ورتو ۽ مريضن کي ملندڙ سهولتن جو معائنو ڪيو. دوري دوران شهرين ۽ ڊاڪٽرن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. ڊاڪٽرن شڪايت ڪئي ته وٽن وسيلن جي عدم فراهمي آهي ۽ هائوس آفيسر شڪايت ڪئي ته کين پگهار نه ملي رهي آهي. چيف جسٽس شهرين کان سوال ڪيو ته توهان کي ڪو مسئلو ته ناهي جنهن تي شهرين چيو ته ڪي پي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي اهي ئي مسئلا آهن جيڪي پنج سال اڳ هئا. شهرين شڪايت ڪئي ته اسپتالن ۾ ڪا سهولت ناهي ۽ نه وري علاج ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، آصف زرداري ۽ ٻين کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس تي پاڻمرادو نوٽيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے