16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ڀٽ شاهه:صوفي ازم  يونيورسٽي کي ڪنهن ٻي هنڌ قبول نـھ ڪنداسين:وقار شاهه

*درگاهه ڀٽائي جي سجاده نشين ۽ پاڪستان انٽر نيشنل مشائخ اتحاد ڪائونسل جي مرڪزي صدر سيد وقار حسين شاهه لطيفي چيو آهي تـ صوفي ازم يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي آهي ۽ ڀٽ شاهه ۾ قائم ٿيندي، يونيورسٽي کي ڪنهن بـ ٻي هنڌ قبول نـ ڪنداسين.

 ڀٽ شاهه ۾ شاهه لطيف پريس ڪلب جي وفد سان خصوصي ڳالهه ٻول ڪندي وقار حسين شاهه چيو تھ ڀٽ شاهه جي نگري ۾ پبلڪ اسڪول بـھ ڪيترن ئي سالن کان مڪمل ٿي نـ سگهيو آهي،  صوفي يونيورسٽي کي بـھ اڃان تائين مڪمل نـاهي ڪيو ويو.

هن چيو تھ  صوفي ازم يونيورسٽي هر حال ۾ ڀٽ شاهه جي نگري ۾ قائم ٿيندي ، ڪا بـھ سازش صوفي ازم يونيورسٽي خلاف برداشت نـ ڪنداسين .

هن چيو تھ  صوفي ازم يونيورسٽي ۾ داخلائن جو سلسلو جلد شروع ڪري ڀٽ شاهه ۽ آسپاس جي شهرن سان تعلق رکندڙ نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي.

 سيد وقار حسين شاهه چيو تـ حڪومت ٻين شهرن ۾ اسڪول ، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جا ڪم جلد مڪمل ڪرائي ٿي  پر افسوس تـھ سنڌ جي عظيم بزرگ هستي شاهه لطيف ڀٽائي جي نگري جون اسڪيمون مڪمل نٿيون ڪرايون وڃن ۽ فنڊن جو سبب ڄاڻائي ڪم رولڙي جو شڪار بڻايا وڃن ٿا.

هن چيو تـ سنڌ حڪومت فوري طور تي فنڊ رليز ڪري ڀٽ شاهه ۾ صوفي ازم يونيورسٽي جو ڪم مڪمل ڪرائي ،  زمين خريد ڪري عمارت جو ڪم شروع ڪيو وڃي.

ان موقعي تي صاحب خان لطيفي ، دادلو فقير ، فقير بخت حسين بوداڻي ، ڊاڪٽر قربان علي ، غلام فقير ، عزيز ناپر ، شوڪت فقير حيدري ۽ ٻيا بـ موجود هئا………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے