17 ہفتہ , نومبر 2018

خواهش هئي ته سامونڊي ميلو سمنڊ ڪناري لڳائجي پر سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملي: سردار علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ثقافت، سياحت ۽ نوادرات واري وزير سيد سردار علي شاھ چيو آهي ته سمونڊ هڪ تمام وڏو موضوع آهي ۽ اسان جي زندگيءَ جا سمورا شعبا اثرانداز ٿيندا آهن. خواهش هئي ته سامونڊي ميلو سمنڊ ڪناري لڳائجي پر سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملي.  ثقافت کاتي پاران، سنڌ جي سامونڊي ڪناري آباد ماڻهن جي زندگي، رهڻي ڪهڻي ۽ ريتي رواجن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عام ماڻهن تائين سندن زندگيءَ جي جا سمورا ثقافتي رنگ  پيش ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪراچيءَ ۾ ٽن ڏينهن واري  ميلي  “سي فيسٽيول” جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي ڪلچرل ونگ سنڌ جو قاسم سومرو، سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا.  افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد سردار علي شاهه چيو ته هي به زندگي جو هڪ رُخ آهي جيڪو عام ماڻهن کان ڍڪيل رهيو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته اسين سندن زندگيءَ ۾ ليئو پائي ڏسون ۽ انهن جي هنرمندن جي سهائتا ۽ انهن جي فن کي اڳتي وڌايون.  هن چيو ته اسان جي هميشه اها ڪوشش رهندي ته سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ثقافتي هنرن سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ انهن جي فن کي منظرعام تي آڻيون ۽ انهن کي انهن کي جائز حيثيت ڏياريون. هن چيو ته اسان جو اِهوعمل نه صرف انهن هنرمندن لاءِ بهتر هوندو پر سنڌ جي ثقافت جي واڌ ويجهه ۽ ان کي قائم دائم رکڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. ميلي ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري آباد ماڻهن جي هنرن، موسيقي ۽ رقص جو مظاهرو ڪيو. سي فيسٽيول ۾ ڪوسٽل ايريا جي هنرمندن پاران مختلف اسٽال لڳايا ويا جتي سپين ۽ ٻين ثقافتي ۽ روايتي شين منجهان ٺاهيل شين جا اسٽال لڳايا ويا، ميلي ۾ موجود ٻارڙن سميت سمورن ماڻهن ڊگهي قد واري شخص نصير سومرو کي ڏسي حيرت ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ساڻس سيلفيون ڪڍرايون.  جڏهن ته ميلي آيل سڀني ماڻهن کي ٻيڙي تي سمنڊ جو سير پڻ ڪرايو ويو ان بعد محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ طفيل سنجراڻي، فشر ڊانس گروپ پي اين سي، اويس جمن ، شاهدا پروين، مارول گروپ، ريشما پروين، عبدالله پنهور، خدا بخش ڪڇي، شاهين وهاب ، ستار   قادر بخش لاسي ۽  سائينداد پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري جهاز جو استعمال: حڪومت پاران مريم خلاف نيب کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے