18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: مٽياري: آبادگارن جو گئس ڪمپني پاران معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاج

*مٽياري ويجهو مقامي آبادگارن پاران  معاوضو نه ملڻ تي ڪمپني انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مقامي آبادگارن ڪمپني جي دروازي آڏو زمينن جو معاوضو نه ڏيڻ ۽ معاهدي تي عمل نه ڪرڻ تي گيس ڪمپني يو اِي پي انتظاميه خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن چيو ته گئس فيلڊ لاءِ زمينون وٺڻ مهل ڪيل واعدا اڃا تائين نه پاڙيا ويا آهن، معاهدي ۾ هڪ بور کوٽڻ جو چيو ويو پر ان بدران ٽي ٽي بور ڪيا پيا وڃن جنهن سبب زمينون خراب ٿي رهيون آھن.

هن چيو ته بورن ۾ خطرناڪ قسم جا ڪيميڪل وڌا پيا وڃن جنهن سبب آس پاس جي ڏيڍ ڪلوميٽر جي علائقي تائين جر جو خراب پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.

سندن چوڻ هو ته معاهدي ۾ ڪمپني نوڪريون ڏيڻ سان گڏ اسڪول ٺاهڻ ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ مفت گيس ڏيڻ جا واعدا ڪيا هئا، پر اڄ تائين هڪ به واعدي تي عمل ناهي ڪيو ويو.

آبادگارن چيو ته حق گهرڻ تي مقامي انتظاميه فوج ۽ پوليس هٿان کڻائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

هنن چتاءُ ڏنو ته جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاجي دائرو وڌايو ويندو…………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے