22 جمعرات , نومبر 2018

ٿوم سان گنج کي ڪئين ختم ڪيو وڃي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٿوم هر کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ جزو آهي جيڪو ذائقو وڌائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندو آهي. ائين ته صحت لاءِ به فائدي مند آهي ته پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هو وارن لاءِ به بهترين آهي. جڏهن ته اهڙا ماڻهو جيڪي گنج جو شڪار هوندا آهن، جڏهن ته ٿوم وارن جي قدرتي نشونما لاءِ بهترين آهي. ماهرن چيو آهي ته ٿوم گنج پن جو شڪار حصن ۾ وارن کي ٻيهر بحالي ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. ان ۾ موجود سلفر ۽ سيلينيم ان حوالي سان مددگار ثابت ٿيندا آهن.هوءِ صرف وار نڪرڻ ۾ مدد نه ڏيندي آهي پر هو وارن جي پاڙن کي مضبوط ڪرڻ ۾مدد ڏيندي آهي. ٿوم جراثيمن ۽ بيڪٽريا کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهن، اهڙي طرح ٿوم وٽامن سي سان ڀرپور هوندي آهي جيڪا وارن جي صحت لاءِ بهترين جزو آهي ۽ هي وارن جي نشونما کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ ڪوليگن جي پروڊڪشن  به وڌائيندي آهي.

ماکي ۽ ٿوم: پسيل ٿوم ۽ ماکي کي هڪ ٿانو ۾ وجهي سٺي طرح ملائي. ان کي وارن تي لڳايو ۽ اڌ ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ وقت لاءِ ڇڏي ڏيو، ان کان پوءِ  وارن  کي ڌوئي اچو.

ناريل جو تيل ۽ ٿوم: ٿوم پهي ڪري گرم ناريل جي تيل ۾ ملايو، ان مڪسچر سان مٿي جي مالش ڪيو ۽ 30 منٽ لڳائي ڇڏي ڏيو، ان کان پوءِ وارن کي ڌوئي اچو،

ٿوم ۽ ادرڪ: ادرڪ  ۽ ٿوم کي پهي ۽ پاڻ ۾ ملائي پيسٽ تيار ڪيو، ان کان پوءِ ان پيسٽ کي ڪنهن تيل جهڙوڪ زيتون يا ناريل جي تيل ۾ ملايو ۽ ڪنهن ٿانو ۾ وجهي ڪري ٿورو گرم ڪيو، جڏهن ان جي سطح ناسي ٿي وڃي ان کان پوءِ ان کي ٿڌو ٿيڻ ڏيو ته پوءِ ان کي ڇاڻي ان مان تيل ڪڍو ۽ ان تيل سان 15 منٽن تائين مالش ڪيو، ان کان پوءِ وارن کي ڪپري سان ڍڪيو ۽ اڌ ڪلاڪ کان پو ڌوئي اچو.اهو عمل هڪ هفتي تائين جاري رکڻ سان وارن تي جادوئي اثر پوندا ۽ توهان حيران رهجي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اوجاڳو شگر سميت ڪيترن ئي خطرناڪ مرضن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)امريڪي ماهرن جديد طبي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوري ننڊ نه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے