22 پیر , اکتوبر 2018

پنجاب ۾ 56 ڪمپنين ۾ ڪرپشن جي انڪوائري، نيب لاهور ۾ رپورٽ جمع

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ پبلڪ سيڪٽر ڪمپنين ۾ مبينا ڪرپشن جي انڪوائري واري معاملي تي نيب لاهور 56 ڪمپنين جي ريڪارڊ جي حوالي سان رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. تفصيل موجب نيب لاهور طرفان سرڪاري ڪمپنين جي ريڪارڊ جي حوالي سان رپورٽ رجسٽرار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ڊپٽي رجسٽرار سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري کي جمع ڪرائي ڇڏي. رپورٽ موجب 49 ڪمپنين جو جزوي ريڪارڊ نيب ۾ جمع ڪرايو ويو جڏهن ته 17 ڪمپنين بابت چيو ويو آهي ته اُهي غير فعال آهن جڏهن ته 17 ڪمپنين مان چند ۾ سنگين غلطيون ڪيون ويون آهن. نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت نيب لاهور جي آفيس رات 10 وڳي تائين کليل رهي ۽ سمورو اسٽاف به ريڪارڊ وصول ڪرڻ لاءِ موجود رهيو، سيڪريٽري آءِ اينڊ سي 49 ڪمپنين جو ريڪارڊ جزوي طور تي نيب لاهور کي جمع ڪرائي ڇڏيو، انهن ڪمپنين ۾ پنجاب صاف پاڻي ڪمپني، لاهور نالج پارڪ، بهاولپور ويسٽ مينيجمنٽ ڪمپني، قائد اعظم سولر پاور ڪمپني ۽ پنجاب منرلز ڪمپني به شامل آهي.  رپورٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري پنجاب 17 ڪمپنين جي بند هئڻ بابت آگاهه ڪيو، ايڊيشنل سيڪريٽري اِهو به ٻڌايو ته 17 ڪمپنين جو ريڪارڊ فوري طور تي نٿو ڏئي سگهجي، ناڻي واري کاتي جي ريڪارڊ موجب انهن 17 ڪمپنين کي ڳري بجيٽ سان نوازيو ويو.  نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آڊٽ انڪوائري ۾ انهن ڪمپنين ۾ قانون جي ڀڃڪڙي جي نشاندهي ڪئي وئي. انهن ڪمپنين ۾ پنجاب سلورلينڊ بائيو ٽيڪنالاجي ڪمپني، بورڊ آف انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ پنجاب، قائد اعظم ونڊ پاور ڪمپني شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے