17 بدھ , اکتوبر 2018

پنجاب ۽ سنڌ ۾ مقرريون ۽ ڀرتيون وفادارن جون ٿينديون آهن: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان الزام هنيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڀرتيون ۽ مقرريون وفادارن ۽ ها ۾ ها ڪندڙن جون ٿينديون آهن. تفصيل موجب پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيف جسٽس جي  آءِ جي ڪي پي ۽ چيف منسٽر جي تعريف کي ساراهيو ۽ چيو ته ميرٽ تي اهل آفيسر مقرر ڪيا ويندا آهن، ته موثر ٿيندو آهي،  ڪي پي ۾ پوليس ۽ انتظاميا موثر طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي، ڪي پي ڪي جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڀرتيون ۽ مقرريون وفادارن ۽ ها ۾ ها ڪندڙن جون ٿينديون آهن. عمران خان چيو ته اهو ئي سبب آهي جو اسان کي پنجاب ۽ سنڌ ۾ پوليس ۽ انتظاميا جي مڪمل بربادي نظر ايندي آهي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ عمران خنا چيو ته ليڊي ريڊنگ اسپتال جي باري ۾ منهنجي رائي آهي ته پهرين کان موجود ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ کان نئون ادارو ٺاهڻ وڌيڪ سولو آهي. اسان هاڻ پشاور ۾ جديد ترين سهولتن سان ليس شوڪت خانم تعمير ڪرائي، جيڪڏهن ليڊي ريڊنگ بهتر ناهي ٿي ته 30 ڊاڪٽر پرڏيهه مان پنهنجون نوڪريون ڇڏي هتي ڇو آيا؟ هن چيو ته ڊاڪتر برڪي جا ٿورا مڃڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن جيڪو باقاعدگي سان ذاتي خرچ تي ڪي پي ايندو ۽ ليڊي ريڊنگ سان صحت جي شعبي ۾ اسان جي سڌارن جي به نگراني ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے