20 منگل , نومبر 2018

نيوز: جيڪب آباد: حادثي ۾فوت ٿيل هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڀاتي مٽي ماءُ حوالي

*لوڻي ڪوٽ ويجهو حادثي ۾فوت ٿيل هڪ ئي خاندان جي 5 ڀاتين کي جيڪب آباد ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن عورتن جي تدفين ڪراچي ۾ٿي.

ڪراچي کان حيدرآباد ويندي روڊ حادثي ۾فوت ٿيل هڪ ئي گهر جي 5 ڀاتين جا لاش جيڪب آباد پهچڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو.

جيڪب آباد پهتل لاشن ۾75 ورهين جو حاجي علي شيرڪٽو، 32 ورهين جو عبدالحفيظ، 19 ورهين جي افروز، ڏيڍ سال جو محمد علي ۽ 45 سالن جي  علي حسن جا مڙهه شامل آهن.

شهر جي چنا پاڙي ۾فوتين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کين ڳوٺ ڪٽا شاخ ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته ٻن فوتي عورتن سلطانا ۽ صدف جي تدفين ڪراچي ۾ڪئي وئي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے