19 جمعہ , اکتوبر 2018

سراج الحق جو بيان ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه ناهي، هو ليگي لهجي ۾ پيو ڳالهائي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته سراج الحق جو بيان ڪوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ۽ سندس غلط بيانن پارٽي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس لهجي ۾ ن ليگ ڳالهائي رهي آهي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي بيان تي رد عمل ڏيندي پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌي چيو ته سراج الحق ن ليگ جو اتحادي آهي  ان ڪري سندس لهجي ۾ ن ليگ پئي ڳالهائي، هن جو بيان ڪوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي جڏهن ته جماعت اسلامي جي امير جي غلط بيانن سبب پارٽي جو ٻيڙو غرق ٿيو. هن چيو ته جماعت اسلامي ڪشمير ۾ ن ليگ ۽ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي اتحادي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ سندس ناظم شينهن جي نشان تي کٽيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، آصف زرداري ۽ ٻين کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس تي پاڻمرادو نوٽيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے