17 بدھ , اکتوبر 2018

سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ تي عمل ڪندڙ فتح محمد برفت جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن

 زرار  پيرزادو

  • سنڌ اسيمبليءَ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي شهرن ۾ لڳل سائن بورڊن تي سنڌي لکت لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو هو ۽ ان کان اڳ سنڌي جي لئنگويج اٿارٽي پاران به هاءِ ويز کي ليٽر لکيو ويو هو جنهن ۾ روڊن تي لڳل بورڊن تي سنڌي ۾ لکڻ جو چيو ويو هو.
  • سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ جي روشنيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پڻ هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽي جي ڪئمپس اندر موجود عمارتن جي تختين تي انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ به اکر لکيا وڃن.
  • عام طور تي ايئن ٿيندو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ ته منظور ٿيندا آهن پر انهن تي عمل ناهي ٿيندو پر اهو ڏسي بي حد خوشي ٿي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ان سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل ٺهراءَ تحت مختلف ڪئمپس جي بورڊن ۽ تختين تي انگريزيءَ ۽ اردو سان گڏ سنڌيءَ ۾ لکڻ جي پڌرائي ڪئي، جنهن عمل جي اسان آجيان ڪيون ٿا.
  • اسان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي چونداسين ته اهو سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت کي مبارڪباد ڏئي جنهن سندن اسيمبلي ٺهراءَ تي عمل شروع ڪري ڏنو آهي.
  • اسان سنڌ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن کي به وينتي ڪنداسين ته اهي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جا ان ڏس ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين ۽ سندن هٿ مضبوط ڪن.
  • پر ان تي اردو ميڊيا ۾ جيڪا هاءِ گهوڙا ٿي تنهن تي جيتوڻيڪ ڪا حيرت نه ٿي پر ان جي ذهني پسماندگي تي ان پسمنظر ۾ افسوس ضرور ٿيو ته ان جي تعصب سان ڀريل سوچ اڃا ختم ناهي ٿي.
  • اهو ڪيڏو نه عجيب مائينڊ سيٽ آهي ته سنڌ ڌرتي تي ڀلي ڌاريا اچي رهن، ڪالونيون ٺاهن، ادارا ٺاهن، بورڊن ۽ تختين تي اردو ۽ انگريزي ۾ لکن ته سڀ خير آهي پر سنڌي ماڻهو ساڳيو عمل ڪن ته اهو مائينڊ سيٽ ٿرٿلي ۾ پئجي وڃي ٿو.
  • ظاهر آهي سنڌي ماڻهو پنهنجن ٻارن جو نالو ”سنڌي“ ۾ ئي لکندو، سنڌي ماڻهو ڪو دڪان کوليندو ته ان جي تختيءَ تي سنڌيءَ ۾ ئي لکندو، اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان کي ”انگريزي“ ٻولي جي واهپي تي اعتراض ناهي پر ملڪ جي پنهنجي هڪ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه تي کين تعصب وڪوڙيو وڃي ٿو.
  • سنڌ ۾ ڌارين جا شناختي ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ جماعت اسلامي يا ٻيون تنظيمون ڌرڻا ڏين ته ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن سنڌين جي حقن ۽ مفادن لاءِ ڪي جماعتون ڌرڻو ڏين، احتجاج ڪن يا مظاهرو ڪن ته ان تي اعتراض؟.
  • اهو اعتراض ڪرڻ وارو اصل ۾ اهو مائينڊ سيٽ آهي جيڪو ”ڪراچي اور سنڌ“ جو اصطلاح استعمال ڪندو آهي.انهيءَ بيمار مائينڊ سيٽ جو علاج ڪرڻ جي ضروت آهي، هي جيئن ته سياسي بدديانتي وارو مائينڊ سيٽ آهي ته ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي سندن ئي زبان سان جواب ڏيڻ جي حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي.
  • مثال طور اسان کي به ڪراچي اور ڊفينس، ڪراچي اور بهادر آباد، ڪراچي اور جيڪب لائينز، خيبرپختونخواهه اور پشاور، لاهور اور پنجاب جا اصطلاح استعمال ڪرڻا پوندا.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن پشاور يونيورسٽي جو نالو ”پشتو“ ٻولي ۾ لکيل آهي ته اسان سنڌي خوش ٿيون ٿا پر سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪڏهن سنڌي لکت جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اعتراض واريو وڃي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تبديلي واري سرڪار ۽ آپگهاتي فيصلا

علي محمد ميمڻ ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، تبديلي سرڪار جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے