21 اتوار , اکتوبر 2018

اويس لغاري جو وڏي وزير کي خط، ڪي اليڪٽرڪ جون رهتون ادا ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وزير اويس لغاري سنڌ سرڪار کي خط لکي ڪي اليڪٽرڪ جي بقايائن جي ادائيگيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچيءَ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي معاملي تي توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکيو آهي. اويس لغاري خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي واٽر بورڊ ڏي ڪي اليڪٽرڪ جي 32 ارب رپيه بقايا آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي رقم ملي ته اها سوئي سدرن سان پنهنجو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي، واٽر بورڊ سان ڪي اليڪٽرڪ کي رقم ڏيارن ۾ وڏو وزير پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اويس لغاري چيو ته نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ پنهنجا بند پاور پلانٽس تيل تي هلائي سگهيو پئي، نيپرا پنهنجي تازي رپورٽ ۾ اهو به چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ بجلي جي بحران جو سبب ڪي اليڪٽرڪ جي بدانتظامي ۽ نااهلي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے