19 جمعہ , اکتوبر 2018

نيوز: کپرو: نارا ڪينال ۾ لڳايل 3 گنديون آبپاشي عملدارن لاءِ چيلنج بڻجي ويون

*کپرو  جي نارا ڪينال جي منڍ ۾ بااثر زميندارن پاران لڳايل 3 گنديون ۽ لفٽ مشينون ڪڍرائڻ آبپاشي عملدارن لاءِ چيلنج بڻجي ويون، نارا ڪينال تي لڳل گنديون بند ڪرائڻ  لاءِ ويندڙ آبپاشي عملدار کي بااثر زميندارن جي ماڻھن واپس ڪري ڇڏيو

نئين نارا ڪينال جي آر ڊي 88 وٽ لڳل ٻن گندين ۽ لفٽ مشينن کي ڪڍرائڻ آبپاشي عملدارن لاءِ  چيلنج بڻجي ويو، جڏهن تھ بااثر زميندارن پاران مبينا آبپاشي عملدارن کي 3 لک روپيا  رشوت ڏئي هڪ هفتي لاءِ نارا ڪينال مان ڊائريڪٽ گنديون  لڳرايون ويون.

ھفتي بعد  گنديون ڪڍرائڻ لاءِ  ويل داروغي جانو مڱريو کي بااثر زميندارن جي ڪمدارن گنديون ڪڍڻ کان ٺپ جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن پڇڙي جي آبادگارن حاجي عثمان جوڻيجو، انور ڀنڀرو، نور محمد ڪيريو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ آبپاشي عملدارن ڏيتي ليتي عيوض منڍ جي بااثر ماڻھن کي نارا ڪينال مان سري عام گنديون ۽ لفٽ مشينون هڻڻ جي غيرقانوني طور اجازت ڏئي ڇڏي آھي جنهن سبب فصلن جي پوکائي نه ڪري سگهيا آھيون .

هنن چيو تھ پاڻي نه ملڻ ڪري هاڻي  انسان توڙي جانور به پئيڻ جي پاڻي لاءِ  پريشان آھن.

ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي داروغي جانو مڱريو ٻڌايو ته هنجا هٿ ٻڌل آھن بااثر زميندارن گنديون ڪڍڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي،  مون ايس ڊي او ۽ انجئير نارا ڪينال کي پڻ ٻڌايو آھي هاڻي مٿيان آفيسر ئي ڪاروائي ڪري سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:دولتپورصفن:لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور شاخ ۾ هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

*دولتپورصفن ۾ لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور شاخ ۾ آپباشي عملدارن طرفان پاڻي ءَ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے