12 بدھ , دسمبر 2018

گوگل”چيٽ“ سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) گوگل واٽس ايپ ۽ ايپل جي آءِ ميسيج جي مقابلي ۾ ٽيڪسٽ ميسيج سروس”چيٽ“ معتارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گوگل اينڊرائيڊ فون جي لاءِ ٽيڪسٽ ميسيج سروس متعارف ڪرائي رهي آهي. گوگل جي ”چيٽ“ سروس روايتي ايس ايم ايس جيان ڪم ڪندي پر واٽس ايپ وانگر پيغام پڙهڻ بعد موڪليندڙ کي آگاهه ڪيوويندو اهڙي نموني جواب ڏيڻ وارو ٽائپنگ ڪري رهيو هوندو ته ان  پيغام جي پڻ  موڪليندڙ  کي خبر پئجي ويندي. گوگل جي ”چيٽ“ سروس ۾ هاءِ ريزوليشن واري تصويرون ۽ گروپ چيٽ پڻ ڪري سگهبي، پر جيڪڏهن پيغام وصول ڪندڙ گوگل ”چيٽ“ سروس آپشن استعمال ناهي ڪري رهيو ته پيغام سادي ٽيڪسٽ ميسيج ۾ تبديل ٿي ويندو، پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيٽ ڊيٽا استعمال ٿيندي پر گوگل هن آپشن کي متعارف ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو.ماهرن موجب گوگل جي طرفان ميسيجنگ ايپلي ڪيشن جي بجائي ”چيٽ“ فيچر لانچنگ ڪرڻ عجيب ۽ مخالفن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي سان گڏ ميدان تي اچڻ آهي، جنهن کي گوگل استعمال ڪندڙ صارفين اينڊرائڊ فونن تي استعمال ڪري سگهندا.اهڙي نموني گوگل”چيٽ“ واٽس ايپ، آءِ ميسيج ۽ فيسبڪ ميسجنرز جي صارفين کي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪائي مقابلي جو ماحول جوڙيندو،گوگل کي هن فيچر جي لاءِ آر سي ايس جو سهڪار حاصل ڪرڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چنڊ جا ناياب پٿر 12 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) اڌ صدي اڳ زمين آندل چنڊ جا ناياب پٿر تقريبن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے