18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: سنڌڙي : آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو

 * سنڌڙي ۾آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف مک چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.

مٺڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ دوسو شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن سنڌڙي چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو.

آبادگارن جي ڌرڻي سبب ميرپورخاص، سانگھڙ ۽ کپرو روڊ تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن نصير خان مري، يعقوب شر، احمد مري، سخي شر ۽ ٻين چيو ته پاڻي کوٽ سبب سندن فصل تباهه ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته جلد دوسو شاخ کي گھرج  ۽گيج مطابق پاڻي ڏنو وڃي ۽ ريگوليٽر درست ڪيا وڃن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے