16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ميرپور بٺورو: ڪار جو چنگچي کي ٽڪر، هڪ ٻارڙي ۽ 3 عورتون زخمي

* ميرپور بٺوري ۾ تيز رفتار ڪار جو چنگچي کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ٻارڙي ۽ 3 عورتون زخمي ٿي پيون آهن.

چور واھ موري وٽ چنگچي رڪشا کي پويان ايندڙ تيز رفتار ڪار جو  زوردار ٽڪر لڳڻ سبب چنگنچي رڪشا ۾ سوار ٽن عورتن سميت ٽن ورهين جي معصوم نينگري سخت زخمي ٿي پئي.

زخمين ۾ سومرِي، حاجران ۽ نصيبا سميت ٽن ورهين جي نينگري بچان شامل آهن.

زخمي ٻارڙي سميت ٻن عورتن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو آهي.

هوڏانهن پوليس ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏهن ته حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے