19 جمعہ , اکتوبر 2018

راءِ جي اظهار تي پابندي پئي لڳائي وڃي، ايندڙ اليڪشن ريفرنڊم هوندي: نواز شريف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اظهار راءِ تي پابندي لڳائي پئي وڃي، ايندڙ اليڪشن ريفرنڊم هوندي. اهڙن خيالن جو اظها هن لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته مارشل لا جون ڳالهيون سڀني کي پريشان ڪندڙ آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ اُهي شيون ٿي رهيون آهن جيڪي مارشل لا وارن دورن ۾ به نه ٿيون، اظهار جي آزادي  تي پابندي لڳائي پئي وڃي، مون مٿان ڏکيو وقت آهي، ڀر ڀڄڻ وارو ناهيان، اهڙو شخص ناهيان جو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃان، مون ۾ ۽ پرويز مشرف ۾ گهڻو فرق آهي. هن چيو ته هڪ هفتي ۾ 5-5 پيشيون ٿي رهيون آهن،  سمورو زور منهنجي مٿان پيو هلايو وڃي، چونڊن ۾ ن ليگ کي برابري جو موقعو نه پيو ڏنو وڃي، چونڊن کان پهرين اهڙي ڌانڌلي نه ٿيڻ گهرجي، منهنجي زبان بند ڪئي پئي وڃي.  هن سوال ڪيو ته ڇا اسان شفاف اليڪشن ڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ قوم کي چوندس ته ايندڙ چونڊن کي ريفرنڊم سمجهي، عوام ن ليگ کي ايترا ووٽ ڏئي جو مخالفن جو وات بند ٿي وڃي، ڇو ته ڪجهه سياسي قوتون امپائر جي آڱر ڏانهن ڏسي رهيون آهن. نواز شريف چيو ته عمران خان کان پڇيو وڃي ته ڪنهن جي چوڻ تي هن تير تي مهر هنئي، عمران خان قوم کي ٻڌائي ته ڪنهن جي هدايت تي اِهو سڀ ڪيو، اڄ سچي ۽ ڪوڙي جي وچ ۾ مقابلو آهي، عوام سچ جو ساٿ ڏئي. هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي، نگران وزير اعظم بابت به ڳالهيون ٿيون، پاڪستان ۾ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته قانون جي مڃيندڙ نگران حڪومت اچڻ گهرجي، اهڙي نگران حڪومت جيڪا دٻاءُ ۾ نه اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ هٿرادو اضافو ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرن هٿرادو ڀاڙن ۾ واڌ ڪري شهرين کان ڦرلٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے