17 بدھ , اکتوبر 2018

ڪمپنين جي ويڙهه ۾ عوام کي نه پيڙهيو وڃي: وڏي وزير جو توانائي واري وزير کي جوابي خط

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري کي جوابي خط لکندي چيو آهي ته يوٽيلٽي ڪمپنين جي تڪرار جي ڪري ڪراچي جي عوام کي سزا نه ڏني وڃي. تفصيل موجب ڪراچي ۾ سخت لوڊشيڊنگ جو معاملو حڪومتي ادارن جي وچ ۾ جنگ واري صورت اختيار ڪري ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير وزير اعظم کان پوءِ توانائي واري وفاقي وزير جي خط جي جواب ۾ به هڪ خط لکيو آهي. هن خط ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ان معاملي کان پاڻ کي الڳ نٿي ڪري سگهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ کي جڏهن خانگايو پئي ويو تڏهن سنڌ حڪومت کي ان معاملي کان پري رکيو ويو. وفاقي حڪومت معاهدي جي ڪاپي به سنڌ حڪومت کي نه ڏني. هن مصنوعي توانائي بحران ڏانهن اشارو ڪندي لکيو ته ڪي اليڪٽرڪ گنجائش موجب بجلي پيدا نٿي ڪري ته اها نيپرا جي نااهلي ۽ ان جي خلاف چارج شيٽ آهي، هن اداري کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ذميواري نيپرا جي آهي. وڏي وزير خط ۾ واڌو بلنگ جو معاملو اٿاريندي لکيو ته صارفن کي ڪي اليڪٽرڪ طرفان وڌيڪ بل ملڻ جون نيپرا وٽ هزارين شڪايتون داخل آهن پر نيپرا ان سلسلي ۾ ڪا به ڪارروائي نه ڪري مجرماڻي غفلت ڪئي آهي. هن لکيو ته ادارن ۾ بلنگ ۽ گيس سپلاءِ جي تڪرار کي پيداوار سان نه سلهاڙيو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ کي پوري گيس ڏني وڃي جيئن شهرين کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ملي، هو صحيح ڪم نه ڪري  ت ه ايڪشن ورتو وڃي، هن اهو به ياد ڏياريو ته سوئي گيس ڪمپني جي ان تڪرار جي خاتمي لاءِ ٽي او آر به بڻايا ويا آهن. مراد علي شاهه واٽر بورڊ جي معاملي کي به واضح ڪندي لکيو ته وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي خانگائڻ وقت واٽر بورڊ جي رهتن جي ادائيگي جي گارنٽي ڏني هئي پر واٽر بورڊ جي وفاقي ادارن تي اڄ به هڪ ارب 8 ڪروڙ رپين جون رهتون آهن، جنهن جي ادائيگي هر هر چوڻ تي نه ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے