17 بدھ , اکتوبر 2018

عبدالقادر بلوچ ن ليگ بلوچستان جو قائم مقام صدر نامزد

لاهور (ويب ڊيسڪ) شهباز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ بلوچستان جي صورتحال جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ عبدالقادر بلوچ کي بلوچستان جو قائم مقام صدر نامزد ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ قائم مقام عهدن تي ن ليگ اڳواڻن جي نامزدگي عمل ۾ آئي. جمال شاهه ڪاڪڙ ۽ مير افضل مندو خيل کي قائم مقام سينيئر نائب صدرن طور نامزد ڪيو ويو. اجلاس ۾ قائم مقام جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ سيدال خان ناصر کي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته يونس خان بلوچ پارٽي جو قائم مقام ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري ۽ فريد افغان خان ن ليگ بلوچستان جو قائم مقام سڌ سماءَ وارو سيڪريٽري نامزد ٿيو آهي. اجلاس دوران خطاب ڪندي ن ليگ صدر شهباز شريف چيو ته ثناءُ الله زهري سدائين جذبي سان ڪم ڪيو ۽ هر موقعي تي پارٽي سان گڏ بيٺل رهيو آهي. نواز شريف جي قيادت ۾ سڀني کي پارٽي جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، جلد ڪوئيٽا جو دورو ڪندس. هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي تاريخدان ضرور لکندو. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

116 police officers were abducted in the Model Town Hospital

ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث 116 پوليس اهلڪارن کي عهدن تان هٽايو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث 116 پوليس اهلڪارن کي عهدن تان هٽايو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے