20 ہفتہ , اکتوبر 2018

سنڌي ٻوليءَ ۾ سائن بورڊ لڳائڻ تي تڪليف ڇو؟

مهوش  عباسي

ٻولي قومن جي وجود جي اصطلاح کان وٺي قومي تشخص تائين سڃاتي ويندي آهي، دنيا ۾ انساني فطرت ۽ شعوري توڙي ثقافتي رنگ جڏهن به نروار ٿيا آهن ته ان جو مُک جز ٻولي ئي ليکيو وڃي ٿو. ائين ئي دنيا جي قديمي ۽ تهذيبي ٻولين جيان سنڌي ٻولي به هزار سالن جي قديمي تاريخ ، تاريخي پس منظر، قومي ورثي جي اهڃاڻن سان مالامال ٻولي آهي جيڪا ماضيءَ کان وٺي هن وقت تائين هلندي رهي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ لسانيات جي عالمن جا مختلف رايا آهن. هڪ خيال اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ضم ٿي ويا.

جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو. سنڌي ٻولي جي واڌاري، سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ان جي جوڙجڪ لاءِ جيڪي جدوجهدن جا عڪس جڙيا، اُهي ايلس کان وٺي، سرجان مارشل، جي اين محمدار، ڊاڪٽر ٽرنپ ۽ ابوالحسن ٺٽوي ۽ 21هين صدي جي جدوجهد تائين هلندا پيا اچن.

تاريخ جي ورقن ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻولي سڌريل ۽ اوسر ڪيل ٻولين مان هڪ قديم ٻوليءَ آهي، جيڪا 10 هزار ورهين جي تاريخ رکي ٿي. ڏيهه توڙي پرڏيهه جا محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌي ٻولي ڪنهن به ٻوليءَ مان نه ڄائي آهي نه نپني آهي. ٻولي قديم تهذيبن جو شاهڪار ليکي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي به انهن قديم ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا پنهنجو تاريخي پس منظر رکي ٿي. جڏهن ته انهن قديم ٻولين جو ڇا ٿيندو، جيڪي هن وقت گهٽ ۽ ٻوسٽ واري دؤر ۾ پنهنجي جياپي جي جنگ لڙي رهيون آهن، ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٻولين ۽ تهذيبن سان رکڻ ملڪي رياست جو ڄڻ ته پيشو رهيو آهي جو پاڪستان ٺهڻ سان ئي قوميت جي بنياد کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. اها انڪاريت ئي ٻولين جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻي. بنگال جو ورهاڱو به ٻوليءَ جو ورهاڱو هيو. اهڙي طرح سان موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ سان ساڳيو ئي سلوڪ ڪيو ويو.

اندرا گانڌي 67 ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو. ايتري قدر جو ڀارت جي 22 قومي ٻولين ۾ هن وقت به سنڌي ٻولي قومي ٻولي لکي وڃي ٿي ، نه رڳو اهو پر ڀارت جي ٽن کان وڌيڪ يونيورسٽين اجمير ، احمدآباد ۽ ممبئي ۾ سنڌيءَ جا شعبا به قائم ڪيا ويا آهن ، جتي ايم اي سنڌي کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين پڙهائي وڃي ٿي. جڏهن ته پاڪستان اندر جيڪا ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن کولي وئي ، اُتي شروعات ئي اردو ۽ انگريزي سان ٿي. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ صرف 20 منٽ رکيا ويا. نه رڳو اهو پر 1951ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌي ٻولي سان اهو ورتاءُ جاري آهي، قومن جي وجود کان اڄ به انڪار ڪرڻ هن ملڪ جي روايت بڻيل آهي، ان عمل کي ناداني چئجي يا دانائي؟ قومن ۽ ٻولين کي اهميت نه ڏيڻ وارا صرف تباهي جو شڪار ٿيا آهن.

قديم ۽ تهذيب يافته قومن جي قومي ورثن کي ائين پاسيرو ڪرڻ ڪا به دانائي ناهي، ان مان لڳي پيو ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ جيان اڃا به عقل جي اوڙاهه کان اڳتي نه وڌي سگهي آهي. حالانڪ سنڌ جي صوبائي سرڪار 1972ع ۾ ٻولي ايڪٽ پاس ڪيو، سنڌ جي 56 ساڃاهه وندن ان وقت به ملڪي حڪمرانن کي اپيل ڪئي هُئي ته ٻوليون قومن جي بنياد تي قديمي حيثيت رکنديون آهن. ٻولين کي ڌڪڻ معنيٰ ته پنهنجي تاريخي تسلسل کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ان وقت ڪئي وئي جڏهن ون يونٽ لاڳو ڪري ٻولين جي وجود کي ميسارڻ جي سازش سٽي وئي. ان وقت به سنڌ جي ساڃاهه وندن ٻولي ڪميشن جي گهر ڪئي هُئي، ان جي باوجود ٻوليءَ کان انڪار ڪيو ويو.

پر ڳالهه اتي ختم نه ٿي دنيا 21هين صدي ۾ هلي رهي آهي ۽ اڄ به ملڪ ۾ سنڌي ٻولي کي اها حيثيت حاصل ناهي جيڪا هڪ قديم ۽ صوبائي ٻولي کي حاصل هجڻ گھرجي، سنڌ جي اڄ به تعليمي ادارن، سرڪاري توڙي ٻين ادارن سميت روڊن ۽ رستن تي انگريزي سميت اردو ٻولي جو وجود نظر اچي ٿو پر سنڌي ٻولي کي پنهنجي ئي صوبي ۾ ترجيح نه ڏني وئي آهي.

اڄ جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر فتح محمد برفت اهو حڪم جاري ڪيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي سمورن نوٽيس بورڊن تي انگريزي سميت سنڌي ۾به لکيو وڃي ته ان تي به سنڌ ۽ سنڌين سان حسد ڪندڙ سازشون رچي رهيا آهن، جنهن ۾ اردو ميڊيا سڀ کان اڳتي نظر اچي رهي آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌيءَ ۾ سائن بورڊ لڳائڻ ڪوبه غيرقانوني يا ملڪ دشمن عمل نه آهي. 1972ع واري ٻولي ايڪٽ مطابق ، سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي آهي، اها هر سطح تي لکي ، پڙهي ۽ ڳالهائي سگهجي ٿي. پر اها ڳالهه سنڌ دشمنن کي ڪير سمجھائي جن جي عقل ۽ فهم تي ساڙ جو پردو اچي ويو آهي. جيڪڏهن گوادر پورٽ ۾ چين سان لاڳاپا هجڻ جي ڪري سائن بورڊ چيني ٻولي ۾ لڳي سگهن ٿا ته سنڌ جي تعليمي، صحت ۽ سرڪاري ادارن سميت روڊن رستن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ سائن بورڊ لڳائڻ ۾ سرڪار ۽ اردو ميڊيا کي تڪليف ڇو پهچي رهي آهي؟ جس آهي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي جنهن يونيورسٽي ۾ سنڌي ۽ انگريزي سائن بورڊ لڳائڻ جو آرڊر جاري ڪيو آهي، ان عمل ۾ سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن کي اڳتي اچڻ گھرجي ۽ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سڀ کان پهريان ڪراچي يونيورسٽي ۾ اردو ۽ انگريزي سميت سنڌي ٻولي ۾ به سائن بورڊ لڳائي ته جيئن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪندڙن کي به جواب ملي سگھي. اهڙي عمل سان اردو ميڊيا کي به صاف جواب ملي ويندو ڇو ته اردو ميڊيا جهڙي ريت سنڌ يونيورسٽي ۾ سائن بورڊ سنڌي توڙي انگريزي ۾ لڳائڻ واري معاملي تي تعصب ڪري رهي آهي ان مان سنڌ لاءِ سندن نفرت صاف ظاهر ٿي رهي آهي، هي اها ئي ميڊيا آهي جيڪا ڪراچي کي سنڌ کان الڳ سڏيندي هئي، اڄ جي صحافت ۽ ميڊيا ۾ قوم ۽ عوام سان سچائي گھٽ ۽ مفاد پرست ايجنڊا وڌيڪ آهن.

سنڌي ٻولي سنڌ صوبي توڙي سنڌي عوام جو حق آهي ۽ ان ٻولي کي سرڪاري ادارن سميت روڊن رستن تي لڳل سائن بورڊن ۽ ٻين ادارن ۾ به ترجيح ڏني وڃي. سنڌين ڪڏهن به ٻين ٻولين سان تعصب نه ڪيو آهي نه وري اردو ٻوليءَ خلاف ڪا به سازش ڪئي آهي، سموريون ٻوليون ملڪ ۽ قوم جو سرمايو آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر علائقي ۾ هر ٻولي کي پنهنجي اهميت حاصل هجڻ گھرجي جنهن سان اها ٻولي به اڳتي وڌندي ۽ اتان جي عوام به مقامي ٻوليءَ سبب ادارن ۾ فائدو حاصل ڪري سگهندي.

ٻولي اها به مادري ٻولي، ان جي اهميت تمام گهڻي هوندي آهي۔ اها ٻولي جنهن ۾ ماءُ لولي ڏئي، يا ٻاتا ٻول ٻولجن يا گيت ڳائجن سا ٻولي ساهه ۾ سانڍجي ويندي آهي۔ سنڌي ٻولي به اسان لاءِ ايئن ئي آهي. سنڌ جي سڀني سياستدانن، حڪمرانن، اڳواڻن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏئي، سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهونءَ لئه لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ اديبن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي سڀني علمن کي رائج ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪري رائج ڪرائن. سنڌي نوڪر شاهيءَ تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪرڻ لاءِ سموري لک پڙهه سنڌيءَ ۾ ڪن، پنهنجن ٻارن کي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارن

سنڌي صنعتڪار، واپاري ۽ دڪاندار تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي ڌنڌن، دڪانن ۽ ڪارخانن تي سنڌي نالن وارا بورڊ هڻن. سنڌي ٻولي سنڌي قوم جي سڃاڻپ آهي. اميد ته سڀ سنڌي ملي جلي سنڌي ٻوليءَ جو مان وڌائيندا ۽ پنهنجي سڃاڻپ کي قائم رکندا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان جو تعليمي نظام ۽ جهالت!

شفيق الرحمان شاڪر تعليم هڪ سماجي عمل آهي جنهنجو بندوبست سماج جي هٿ ۾ هوندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے