17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ٿرڙي محبت: ايس يو پي جو ٺيڪيدار ۽ ٽائون چيئرمين خلاف احتجاج

*ٿرڙي محبت ۾ شهر جا ترقياتي ڪم اڌ ۾ ڇڏي مبيان طور گم ٿي ويل ٺيڪيدار ۽ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين خلاف ايس يو پي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو .

گندي پاڻي جي  نيڪال واري  نالي ۽ پيور بلاڪ جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي مبيناطور  ڀڄي ويل ٺيڪيدار ۽ ٽائون ڪاميٽي چيئرمين خلاف انعام کوسو‘ شبير منگي‘ سليمان جمالي‘ ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٺيڪيدار ۽ چيئرمين ملي ڀڳت ڪري مال هڙپ ڪري رهيا آهن .

 هنن مطالبو ڪيو ته شهر جا مسئلا ترت حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے