14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: چمبڙ: سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران پاڻي کوٽ خلاف دلا کڻي احتجاج

* چمبڙ ۾ سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران پاڻي لاءِ دلا، مٽ ۽ ڪوڏرون کڻي انوکو احتجاج ڪيو ويو.

  سڄي سنڌ سميت چمبڙ جي مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي اڳواڻن ارباب رستماڻي، مبارڪ علي ۽ ھارين توڙي آبادگارن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

 ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته  مختلف شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب چمبڙ ٿر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، چوپايو مال اڃ وگهي مري رهيو آهي ۽ ماڻهو عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن.

هنن چيو ته واٽر سپلاءِ جا تلاءَ سڪڻ بعد پاڻي کوٽ سبب ماڻهو ٻين شهرن ڏانهن لڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ڪمند جو اگهه هڪ سئو 82 رپيا آهي، جنهن تي عمل نه ڪري آبادگارن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي.

آبادگارن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ ختم ڪري سندن جائز مطالبا مڃيا وڃن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : حيدرآباد: الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريلي

*حيدرآباد ۾  الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اولڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے