21 اتوار , اکتوبر 2018

شاهه محمود قريشي طرفان سنڌ مان چونڊ وڙهڻ جو اعلان

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته روڪي سگهو ته روڪيو، ايندڙ چونڊون سنڌ مان وڙهندس، عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ۾ مقابلو ٿيندو، پ پ جو ڪو حصو نٿو ڏسان. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي ۾ غوثيا جماعت کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ترقي ڏيارڻي آهي ته ذات کان هٽي فيصلا ڪرڻا پوندا، ان لاءِ ضروري آهي ته ذات کي ڇڏي رڳو ملڪ لاءِ سوچجي. شاهه محمود قريشي چيو الميو اهو آهي ته جنهن طريقي سان ملڪ کي هلايو پيو وڃي، ائين ملڪ ناهي هلائبو، ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ جو اهو حال ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻ پاڪستان جو دنيا ۾ قدر ناهي رهيو. هن چيو ته مستقبل ۾ حڪومت تحريڪ انصاف جي هوندي، اسان ملڪ مان ڪرپٽ مافيا جو راڄ ختم ڪري ڇڏينداسين، ملڪ جي وڃايل ساک ٻيهر بحال ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Amnesty International, Human Rights Watch call for UN to investigate killing of Saudi journalist Jamal Khashoggi

گڏيل قومن جو ادارو جمال خاشقجي جي قتل جي جاچ ڪري: ايمنسٽي انٽرنيشنل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي غيرسرڪاري انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل گڏيل قومن کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے