21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: ڪورنگي: ريڙهي ڳوٺ جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

* ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي ريڙهي ڳوٺ جي رهواسين  بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي،

ريلي جي اڳواڻي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ طالب ڪڇي، سهيل ڄاموٽ، ڪزبانو، عائشا، خديجا ۽ حاجي احمد ملاح ڪري رهيا هئا،

ان موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي سهيل ڄاموٽ چيو ته ريڙهي ڳوٺ جا مهاڻا لڳاتار سامونڊي پٽي جي وڏيري جو ظلم برداشت ڪندا رهيا آهن،

 هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سامونڊي وڏيري دائود جت ۽ سندس پٽن جي ظلمن خلاف متحد ٿي آواز بلند ڪجي.

هنن چيو ته بيگناهه گذريل چئن ڏهاڪن کان وڏيرن جا ظلم ۽ سـُکڻ ٿاڻي جي پوليس جون زيادتيون ڀوڳي رهيا آهيون، ڪو به واهر ڪرڻ وارو ڪونهي،

هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ساڻن انصاف نه ڪيو ويو ته ريڙهي ڳوٺ جا 60 هزار کان وڌيڪ مهاڻا ايندڙ اليڪشن دوران ووٽ جو بائيڪاٽ ڪندي پاڻ سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : ٻھارا: فوتي نوجوان جي ڊي اين اي جي ڇو ضرورت پئي؟ڄاڻي حيران ٿيندا

*ٻھارا شھر جو رهواسي نوجوان سيد شوڪت شاھ گذريل سترهن ڏينهن کان پرسرار نموني گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے