17 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز: جهڏو: آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

*جهڏي ۾ آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ آبادگارن مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف 26 اپريل تي شٽر بند هڙتال ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي جليل انڙ، اياز، وسيم، ڪمبير خاصخيلي ۽ آبادگارن چيو ته

آبپاشي کاتي جي ظلم ۽ بربريت خلاف جدوجهد جي پهرين مرحلي ۾ 26 اپريل شهر ۾  شٽر بند هڙتال ڪري هزارين آبادگار ريلي ڪڍي مٺي ، ميرپورخاص مين روڊ مرچ منڊي تي ڌرڻو هڻندا.

هنن چيو ته جمڙائو ڪئنال پوڇڙي جي سب ڊويزن آهي، بگي مائينر ۽ سلور ڊسٽري ۾ٽن مهينن کان پاڻي ناهي ڇڏيو ويو 12 سئو 70 هزار ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻيل آهي.

سندن چوڻ هو ته بگي مائينر کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ملي 89 ميل موري کان 124 ميل موري تائين مين ڪئنال جا سمورا واٽر ڪورسن  ٽٽا پيا آهن،  واهه کي ڪٽ ڏئي پاڻي چوري جا ريڪارڊ ٽوڙيا ويا پيا وڃن.

اڳواڻن نيب کان مطالبو ڪيو ته انجنيئر، ايس ڊي اي ۽ داروغن خلاف جاچ ڪري ڪارروائي ڪري……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي : ڊالڊا پاران ” منهنجو آواز تحريڪ “ تي پينل ڊسڪسشن ڪرائي وئي

*ملڪ جي مشهور فوڊ برانڊ ڊالڊا طرفان ڊجيٽل، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾“ منهنجو آواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے