17 بدھ , اکتوبر 2018

جسٽس امير هاني مسلم جو  ايم ڊي واٽر کي بلديا ٽائون رهواسين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جو  حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جسٽس امير هاني مسلم جو  ايم ڊي واٽر کي بلديا ٽائون رهواسين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جو  حڪم سنڌ واٽر ڪميشن جي فوڪل پرسن آصف حيدر  عدالت کي ٻڌايو ته لياري ۽ شهر جي وچ اوڀر وارن علائقن ۾ پاڻي جو وڏو بحران آهي، ڪيترن ئي جاين تي پاڻي پهچي نه رهيو آهي.هن چيو ته جن جاين تي لائين ذريعي پاڻي نٿو پهچي اتي ٽنيڪرن جي مدد سان پاڻي پهچائي رهيا آهيون .ان موقعي تي واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم پڇاڻو ڪيو ته جتي لائين نه آهن اتي پاڻي ڪئين پهچايو ٿو وڃي .فوڪل پرس عدلت کي ٻڌايو ته انهن جاين تي ٽنيڪر جي مدد  سان پاڻي پهچايو ويندو آهي  ويسٽ ۾  هڪ هزار ٽينڪرن جي مدد سان پاڻي پهچايو ويندو آهي جڏهن ته اولهه ضلعي ۾ ٽي سئو ٽنيڪر پاڻي فراهم ڪن پيا ۽ سنيٽرل ضلعي ۾ 30 ٽنيڪر پاڻي پهچائي رهياآهي .ان موقعي تي بلديا ٽائون جي رهواسي سعيد الرحمان واٽر ڪميشن جي سربراهه اڳيان ڪامورن جي پت وائکي ڪري ڇڏي هنن چيوته سمورا آفيسر ڪوڙ ڳالهائي رهياآهن . هن چيو ته کين پاڻي لاءِ سڪايو ٿو وڃي سندن گهرن ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو به موجودناهي ، حڪمرانن کي ٽيڪس ادا ڪيون ٿا پر اسان کي پاڻي به نٿو ملي .ان  موقعي تي جسٽس امير هاني مسلم ايم ڊي واٽر کي حڪم ڪيو ته ٻن ڏينهن اندر بلديا ٽائون واري علائقي جي رهواسين کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

National assembly meeting begins: opposition leader Shahbaz Sharif was also dispatched

قومي اسمبلي جو اجلاس شروع: مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي به پهچايو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جي ٽيم مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي پارليامنٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے