21 اتوار , اکتوبر 2018

ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو ايترو وڏو ناهي جيترو بڻايو پيو وڃي: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو ايترو وڏو ناهي جيترو ڄاڻي واڻي بڻايو ويو آهي، شهر ۾ جيڪڏهن بجلي جو وڏو مسئلو آهي ته ان کي حل ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته سينيٽ اليڪشن ۾ جيڪو هارائيندو آهي اهو هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳائيندو يا وري بائيڪاٽ ڪندو آهي، مخالفن جو ڪم رڳو تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته ن ليگ پنهنجو سينيئر ميمبر چيئرمين جي لاءِ نامزد ڪيو هو، پر کيس بري طرح شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، ڪجهه چئي رهيا آهن ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ٿي، جيڪڏهن هارس ٽريڊنگ ٿي ته اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ها. ڊپٽي چيئرمين وڌيڪ چيو ته بلوچستان جو عوام محبت ڪندڙ آهي، هميشه ڪوشش رهي آهي ته حب کي سڀ کان وڏو صنعتي شهر بڻايون، بلوچستان جون حالتون بلڪل خوشگوار آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئل ٽئنڪر مالڪن جي هڙتال، پئٽرول جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي / راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آل پاڪستان آئل ٽئنڪرز اونرز ايسوسيئيشن سڄي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے