17 بدھ , اکتوبر 2018

گم ٿيل نينگريون پيش نه ٿيون ته آءِ جي سميت سڀني آفيسرن کي جيل موڪليندس: جسٽس شوڪت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن نينگرين جي اغوا بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقي اسلام آباد پوليس جي ايس ايس پي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين نينگرين کي هر صورت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نينگريون پيش نه ٿيون ته آءِ جي سميت سڀني آفيسرن کي اڊيالا جيل موڪليو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پوڻن ٻن سالن کان گم ٿيل سميعا ۽ اديبا جي بازيابي بابت درخواست تي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس جا ايس ايس پي پيش ٿيا. اسلام آباد پوليس عدالت  کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران ايس ايس پي چيو ته ٻارڙين جي ڳولا ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ٽن ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو، حيدرآباد ۽ آزاد ڪشمير لاءِ پوليس جون ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن، ايس ايس پي ٻڌايو ته مخبر نينگرين جي ريڊ لائيٽ ايريا ۾ نظر اچڻ جي نشاندهي ڪئي آهي، کين جلد بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته مون کي ڪوشش نه نتيجو گهرجي، اڳوڻي آءِ جي طاهر علم عدالتي حڪمن تي تنقيد ڪئي ڇا هو اسلام آباد پوليس جو ترجمان آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ اڄ به ٿاڻا آڪشن ٿيندا آهن، هڪ سب انسپيڪٽر اهڙو آهي جيڪو آءِ جيز جي بدلي ڪرائيندو آهي، طاهر عالم کي توهين عدالت نوٽيس ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته گم ٿيل نينگريون منهنجون نياڻيون آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي نينگرين کي هر صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ آءِ جي سميت سڀني آفيسرن کي اڊيالا جيل موڪليو ويندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Babu running Lahore from Wazirabad, issued notification

لاهور کان وزيرآباد هلندڙ بابو ٽرين بند، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي کاتي لاهور کان وزيرآباد هلندڙ بابو ريل گاڏي بند ڪري ڇڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے