17 بدھ , اکتوبر 2018

قومي اسيمبلي جي ناڻي واري ڪميٽي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ناڻي واري ڪميٽي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزير اعظم جي ڏيهي ۽ پرڏيهي اثاثن جي لاءِ جاري ڪيل ايمنسٽي انٽرنيشنل اسڪيم کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي ميمبرن موقف اختيار ڪيو ته حڪومت وٽ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم تي عملدرآمد جو اختيار ناهي. اجلاس ناڻي واري مملڪتي وزير راڻا افضل خان جو چوڻ هو ته حڪومت هڪ سال جو بجيٽ پيش ڪندي،  ايندڙ حڪومت تي پابندي لاڳو ناهي ته هو بجيٽ تي عمل ڪري يا نه ڪري. رانا افضل خان چيو ته نئون بجيٽ ڪير پيش ڪندو، هن وقت تائين فيصلو ناهي ٿي سگهيو، وزير اعظم، ناڻي وارو صلاحڪار يا وري آئون پاڻ بجيٽ پيش ڪندس، بجيٽ کي پري پول ريگنگ چوڻ سياسي بيان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

116 police officers were abducted in the Model Town Hospital

ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث 116 پوليس اهلڪارن کي عهدن تان هٽايو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ماڊل ٽائون سانحي ۾ ملوث 116 پوليس اهلڪارن کي عهدن تان هٽايو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے