17 بدھ , اکتوبر 2018

مصري تاريخ جي سڀ کان وڏي هيروئن اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 5 پاڪستاني گرفتار

قاهره(ويب ڊيسڪ) مصري اختيارين ملڪي تاريخ جي هيروئن جي سڀ کان وڏي کيپ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 5 پاڪستانين کي گرفتار ڪري ورتو. مصري اخبار منشيات جي خاتمي واري اداري کي 21 اپريل تي هڪ اطلاع مليو ته منشيات جي عالمي اسمگلرن جو گروپ احمر سمنڊ جي رستي هيروئن جي وڏي کيپ سفاجا پورٽ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي. رپورٽ موجب اختيارين سمنڊ کان 40 ميل جي فاصلي تي هڪ ايراني ٻيڙي تي ڇاپو هڻي ان تي سوار 5 پاڪستانين کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان هڪ ٽن 350 ڪلو گرام هيروئن هٿ ڪئي. مصري اختيارين موجب پڪڙيل هيروئن جي قيمت عالمي منڊي ۾ ساڍا 65 ارب رپيا ٻڌائي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

UN Approves Resolution Granting Palestine More Rights as G77 Chair

آمريڪا جي مخالفت باوجود فلسطين کي گڏيل قومن جي اهم باڊي جي سربراهي ملي وئي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي مخالف باوجود فلسطين گڏيل قومن جي اهم باڊي جو سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے