17 ہفتہ , نومبر 2018

رپورٽ: لاکاروڊ : روڊ رستا تباهه هجڻ ڪري رهواسين کي تڪليف، ڪاروبار تباهه

بک، بدحالي، بيروزگاري، پاڻي کوٽ ۽ ڌاري آبادڪاري سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جا روڊ رستا به تباهه هجڻ ڪري رهواسي تڪليفن جو شڪار آهن.

لاکاروڊ شهر ۾روڊ رستا خراب هجڻ ڪري ٽرئفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي رهواسين جو چوڻ هو ته شهر ۾10 سالن کان ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو، روڊ رستا ٽٽل هجڻ ڪري هو عذاب ڀوڳي رهيا آهن…

شهرين جو چوڻ هو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم ٿي وڃن ٿا ۽ کين ڪا به سهولت نٿي ملي.

شهرين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن  کين روڊ رستن جي سهولت نه ملي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ووٽ نه ڏيندا.

هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي روڊ رستن سميت علائقي ۾ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.

محمد صالح ڏاهري عوامي آواز ٽي وي لاکا روڊ……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے