19 پیر , نومبر 2018

علي ظفر معافي وٺي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: ميشا شفيع جو وڪيل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڳائڻي ۽ اداڪارا ميشا شفيع جي وڪيل احمد پنسوٽا چيو آهي ته اسان ڪو جهيڙو نٿا چاهيون پر علي ظفر معافي گهري ته ساڻس ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. علي ظفر جي جنسي هراسان ڪرڻ جا الزام هڻندڙ ميشا شفيع ڪيس لاءِ بئريسٽر احمد پنسوٽا ۽ نگهت داد جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. ان ڏس ۾ احمد پنسوٽا جو چوڻ هو ته ميشا شفيع سوچڻ سمجهڻ کانپوءِ بيان جاري ڪيو، وٽس جنسي طور هراسان ڪرڻ جا ثبوت موجود آهن، جيڪڏهن ميشا وٽ ثبوت نه هجن ها ته هوءَ علي ظفر تي الزام نه هڻي ها. هن چيو ته هڪ افواهه آهي ته اسان کي نوٽيس ڏنو پيو وڃي پر اڃا تائين ڪو ليگل نوٽيس وصول ناهي ٿيو، نوٽيس ملڻ تي ڪارروائي جو جائزو وٺنداسين. سندس چوڻ هو ته اسان جهيڙو نٿا چاهيون، علي ظفر معافي گهري، پوءِ ئي معاملو عدالت کان ٻاهر طئي ٿيندو. واضح رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ ميشا شفيع سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ علي ظفر تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا کيس جنسي هراسان ڪرڻ جا الزام هنيا هئا، جنهن جي علي ظفر ترديد ڪئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے