17 بدھ , اکتوبر 2018

خيبرپختونخواهه اپيڪس ڪميٽي پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳالهين لاءِ جرڳو جوڙي ڇڏيو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اپيڪس ڪميٽي پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳالهين لاءِ جرڳو جوڙي ڇڏيو. تفصيل موجب پشاور ۾ خيبرپختونخواهه اپيڪس ڪميٽ  جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گورنر اقبال جهڳڙا، وڏي وزير پرويز خٽڪ، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پشتون تحفظ موومينٽ جي تحريڪ کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال، فاٽا ۾ آپريشن کان پوءِ بحالي واري بندوبست ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال سميت ٻين سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳالهين جي لاءِ جرڳو جوڙيو ويو جنهن ۾ مالاڪنڊ ۽ قبائلي علائقن جي صلاحڪارن کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهو جرڳو هن ئي هفتي پشتون تحفظ موومينٽ سان ڳالهيون ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Srinagar: More than three Kashmiri martyrs of the Indian Army

سرينگر: قابض ڀارتي فوج جي هٿان وڌيڪ 3 ڪشميري شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے