21 اتوار , اکتوبر 2018

تمام وڏي زبردست وڪيٽ ڪِرڻ واري آهي: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انصاف ( پي ٽي آ) جي چيئرمين عمران خان ” تمام وڏي زبردست وڪيٽ“ ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. عمران خان کي لاهور جي مختلف علائقن ۾ ميمبر سازي ڪيمپن جو دورو ڪرڻو هو ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻو هو پر هو داتا درٻار تي حاضري ڏئي اسلام آباد روانو ٿي ويو. ان موقعي تي هن چيو ته هڪ وڏي زبردست وڪيٽ ڪِرڻ واري آهي، جنهن بعد صحافي سوال ڪيو ته ڇا چوڌري نثار پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيو آهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته اهو هاڻ نه ٻڌائيندس. عمران خان جي جواب تي صحافي هڪ ڀيرو ٻيهر سوال ڪيو ته توهان جي منهن جي خوشي ٻڌائي رهي آهي ته چوڌري نثار پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيو آهي. پر جواب ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين چيو ته 29 اپريل کان پوءِ ٻوڏ سونامي پلس بڻجڻ واري آهي هڪ ٻئي سونامي پي ٽي آءِ ۾ اچڻ واري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئل ٽئنڪر مالڪن جي هڙتال، پئٽرول جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي / راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آل پاڪستان آئل ٽئنڪرز اونرز ايسوسيئيشن سڄي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے