15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڄام صاحب: گهرن کي باهه لڳڻ سبب 4 سالن جو ٻارڙو سڙي فوت

*ڄام صاحب ويجهو ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳڻ سبب چئن ورهين جو ٻارڙو ۽ الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويا.

ڳوٺ رئيس احسان علي بروهي ۾ سائين ڏني ۽ الله ڏني بروهي جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي،  جنهن جي نتيجي ۾ چئن ورهين جو ٻارڙو راجا سڙي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڳئون ۽ ٻه سئو مڻ ڪڻڪ سميت الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو.

باهه لڳڻ سان فائربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو.

چئن سالن جي معصوم جو سڙيل لاش ڏسي سڄو ڳوٺ سوڳوار بڻجي ويو.

هوڏانهن باهه متاثر کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو…………………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے