17 ہفتہ , نومبر 2018

دبئي ۾ شهرين کي عوامي هنڌن تي طبي سهولت فراهم ڪرڻ جو منصوبو

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي حڪومت شهرين لاءِ عوامي هنڌن تي طبي چيڪ اپ جي سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت طرفان صحت جو خاص خيال رکڻ لاءِ هيلٿ پوڊز اسڪينر متعارف ڪرايا ويا آهن، جن جي مدد سان هلندي ڦرندي چيڪ اپ ڪرائڻ ڏاڍو سولو هوندو. آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻڌل انهن هيلٿ پوڊز اسڪينرن کي مختلف شاپنگ مالز، تفريحي هنڌن ۽ آفيسن ۾ لڳايو ويندو، جتي بلڊ شوگر، بلڊ پريشر، مسل ماس، هائڊريشن، وزن ۽ قد جانچڻ سان گڏ ان جي رپورٽ جي تڪڙي ملي سگهندي. انهن هيلٿ پوڊز جون رپورٽون اسپتالن کي به فراهم ڪيون وينديون ته جيئن بيماري جي صورت ۾ اسپتال پاڻ ئي شهري سان رابطو ڪري سگهي. هيلٿ پوڊز اسڪينر ٺاهيندڙ ڪمپني بوڊيو جي سي  اِي او طارق حسين موجب ان اسڪينر اڳيان رڳو بيهڻو پوندو ۽ اهو جسم کي مڪمل طور جاچيندو. سندس چوڻ هو ته اهو اسڪينر بلڊ پريشر، شوگر ۽ دل جي حرڪت چيڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ رت جي گردش، قد ۽ وزن کي به مانيٽر ڪندو، جيڪڏهن ڪنهن به شخص ۾ ان حوالي سان شڪايت وصول ٿي ته ان کي اسپتال گهرايو ويندو. هن ٻڌايو ته هيلٿ پوڊز اسڪينر لڳائڻ جو مقصد شهرين کي ڪنهن به موذي مرض کان اڳ ئي خبردار ڪرڻ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے