21 اتوار , اکتوبر 2018

محمد عامر کي برطانوي ويزا ملي وئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر کي برطانوي ويزا جاري ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ هو سڀاڻي روانو ٿيندو. فاسٽ بالر محمد عامر ويزا ۾ دير سبب قومي ٽيم سان گڏ برطانيا نه وڃي سگهيو هو جڏهن ته ان جي ويزا جاري ٿي چڪي آهي جنهن کانپوءِ هو اڄ لاهور کان برطانيا لاءِ روانو ٿيندو. محمد عامر ڪنٽربري ۾ پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪندو جتي رانديگر پهريان کان موجود آهن، قومي ٽيم اڄ بگن جي ڏيهه ۾ پهرئين پريڪٽس سيشن جي شروعات ڪندي. پاڪستان جي ٽيم آئرلينڊ خلاف واحد ٽيسٽ 11 مئي تي کيڏندي جڏهن ته انگلينڊ خلاف به ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز شيڊول آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محمد عباس جي ڏيهه پهچڻ تي شاندار آجيان، مٿس گلن جي ورکا

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڪينگروز جي بيٽنگ لائن تباهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے