20 ہفتہ , اکتوبر 2018

احسن اقبال جو بيان حلف ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: نعيم الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق وفاقي گھرو وزير جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته احسن اقبال جو بيان حلف ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. وفاقي گهرو وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي نعيم الحق چيو ته ن ليگ جي حڪمت عملي آهي ته عدليا تي تنقيد ۽ پاڻ تي لڳل الزامن تي پردو وجھي، ن ليگ قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، ملڪي ناڻو چوري ڪيو ۽ اثاثا ٺاهيا. هن چيو ته نواز شريف خلاف احتساب عدالت جي فيصلي جو وقت ويجھو اچڻ تي ن ليگ جي بوکلاهٽ وڌي رهي آهي ۽ ن ليگ عدليا تي حملا  وڌائي رهي آهي. واضح رهي ته گھرو  وزير  احسن اقبال اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته حڪومت کي شاباش نٿا ڏئي سگھو ته روز روز مهڻا به نه ڏيو، اسان جي به عزت ۽ وقار آهي، ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته ٻئي تي الزام مڙهي. هن چيو هو ته وائيس چانسلر جي مقرري ۾ سفارش جو الزام مڙيو ويو، اسان عدالت جو احترام ڪيون ٿا، خدا جي واستي معاملي کي تڪراري نه بڻايو وڃي، جيڪڏهن توهان وٽ شاهديون آهن ته چارج شيٽ ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے