21 اتوار , اکتوبر 2018

ڪراچي ۾ هجوم موٽر سائيڪل سوار نوجوان کي ڦورو سمجهي ماري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪار ۽ موٽر سائيڪل سوارن وچ ۾ جهيڙي دوران اتي موجود ماڻهن روڊ تي ئي عدالت لڳائي ڇڏي ۽ ٻن نوجوانن کي ڦورو چئي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻن نوجوانن ۽ ڪار سوارن وچ ۾ معمولي ڏند چڪ ٿي، جنهن کانپوءِ ڪار سوارن موٽر سائيڪل سوار نوجوانن کي ٽڪر هنيو ۽ پوءِ کين تشدد جو نشانو بڻايو. جهيڙي کانپوءِ اتي ماڻهو گڏ ٿيا ته ڪار سوارن موٽر سائيڪل سوارن کي ڦورو قرار ڏئي هجوم حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن پهچي ٻنهي نوجوانن کي زخمي حالت ۾ پنهنجي تحويل ۾ ورتو. رينجرز اهلڪارن جي موجودگي ۾ به نوجوانن کي ڦورو چيو ويو پر رينجرز کي ٻنهي وٽان ڪنهن به قسم جا هٿيار هٿ نه آيا. واقعي جي ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ نوجوانن جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو ۽ وقت سر طبي امداد نه ملڻ سبب 17 ورهين جو علي رضا فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڪزن ساجد سخت زخمي آهي. مقتول نوجوان جي مامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مٿي ۽ پيٽ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب علي رضا فوت ٿيو، هو پڙهائي کانپوءِ رڪشو هلائيندو هو. سندس چوڻ هو ته مان پاڻ واقعي واري هنڌ پهچي اکين ڏٺن شاهدن کي ڳوليو، جن تصويرون ۽ حملو ڪندڙن جي ڪار جو نمبر ڏنو. هوڏانهن معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ پوليس به حرڪت ۾ آئي ۽ هڪ اکين ڏٺي شاهد جي مدد سان حادثي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار هٿ ڪري ورتي آهي. پوليس موجب هڪ اکين ڏٺي شاهد ڪار جو نمبر نوٽ ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري ڪار هٿ ڪرڻ ۾ سولائي ٿي، ڪار جو مالڪ شرجيل فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس ساٿي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.00

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے