22 پیر , اکتوبر 2018

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي جي هڪ ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جج فيصلو ٻڌائيندي چيو ته 77 ورهين جي گرو تي ڇوڪريءَ کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو آهي. آسارام 2013ع ۾ پنهنجي هڪ 16 ورهين جي پيروڪار ٻارڙي کي جوڌپور جي آشرم ۾ هوس جو نشانو بڻايو هو. امڪاني احتجاج سبب ان ڪيس جي ڪارروائي راجسٿان رياست جي هڪ جيل ۾ مڪمل ڪئي وئي. آسارام ۽ سندس پٽ تي جنسي زيادتي جو هڪ ٻيو ڪيس به قائم آهي. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ آسارام جا 4 سئو کان وڌيڪ آشرم آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے