17 بدھ , اکتوبر 2018

وفاقي ڪابينا توانائي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا توانائي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نائجيريا سان فوجي ڪمانڊوز جي تربيت جو معاهدو به منظور ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن جي جاري ٿيل پڌرائي موجب توانائي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته نائجيريا سان فوجي ڪمانڊوز جي تربيت جو معاهدو به منظور ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي تحليل بابت اڳوڻي فيصلي کي برقرار رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ وڪيلن ۽ بار ڪائونسل جي قانون ۾ ترميم جو بل منظور ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شاهد مسعود کي ان ليڊ روينيو جي ايپلٽ ٽربيونل جو چيئرمين ۽ ڪامران بشارت کي دانشوري حقن جي ٽربيونل جو پريزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب ڄمون ڪشمير جي ايراضي حقن جي قاعدن ۾ ترميم منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي اسپيشل ڪورٽ جي جج اعظم انور جي جاءِ تي سيشن جج غلام مصطفيٰ جي مقرري کي منظور ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ نيپال ۽ تاجڪستان سان آڊيٽرز جنرل جي سهڪار جو معاهدو، چين ۽ بيلاروس سان واپاري ڄاڻ بابت ڏي وٺ جا ايم او يوز منظور ڪيا ويا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

UN Approves Resolution Granting Palestine More Rights as G77 Chair

آمريڪا جي مخالفت باوجود فلسطين کي گڏيل قومن جي اهم باڊي جي سربراهي ملي وئي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي مخالف باوجود فلسطين گڏيل قومن جي اهم باڊي جو سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے