19 جمعہ , اکتوبر 2018

جماعت اسلامي جو ايندڙ هفتي ڪي پي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ايندڙ هفتي ڪي پي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جماعت اسلامي جي صوبائي امير سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته وڏي وزير پرويز خٽڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اسان حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو اخلافن جي ڪري نه پر سٺي نيت سان ڪيو آهي، ڇو ته ايم ايم اي جي بحالي کانپوءِ ڪي پي ۾ گڏيل حڪومت کان ڌار ٿيڻ وقت جو تقاضو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ڌار ٿيڻ کانپوءِ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو حصو نه بڻجندي ۽ عليحدگي کانپوءِ به هر ڏکئي وقت ۾ خيبر پختونخواهه حڪومت سان گڏ هونداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، آصف زرداري ۽ ٻين کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس تي پاڻمرادو نوٽيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے