19 جمعہ , اکتوبر 2018

نيوز : سکر: ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي سبب پيئڻ واري پاڻي جو بحران وڌي ويو

سکر ۽ ڀرپاسي ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي سبب پاڻي جي سخت کوٽ سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن.

سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر جا رهواسي پاڻي کوٽ سبب ڏورانهين هنڌن کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور بڻيل آهن، ميونسپل  ڪارپوريشن اگهور ننڊ ستل آهن.

پاڻي کوٽ سبب ٽينڪر مالڪن به في ٽينڪر تي اگهن ۾ ٻيڻي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب هيٺيون طبقو سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويو آهي.

شهرين موجب ميونسپل ڪارپوريشن پاڻي فراھم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي.

شھرين  سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بنا دير پاڻي فراھمي جا جوڳا اپاءَ ورتا وڃن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:دولتپورصفن:لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور شاخ ۾ هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

*دولتپورصفن ۾ لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور شاخ ۾ آپباشي عملدارن طرفان پاڻي ءَ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے