19 جمعہ , اکتوبر 2018

ڪرپٽ حڪمران پئسا چورائي ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا، هاڻ پاليسيون غريبن لاءِ ٺهنديون: عمران

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سموريون پاليسيون پئسي ۽ طاقتورن لاءِ ٺهيون آهن پر هاڻ اسان ننڍي ۽ ڪمزور طبقي لاءِ پاليسيون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن منڊي بهاوالدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نديم افضل چن تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سياست بدنام ٿي چڪي آهي ۽ جيڪو سياسي پس منظر رکي ٿو، ڪجهه ماڻهو ان کي برو ته ڪجهه وري سٺو چوندا آهن پر نديم افضل چن جي پارٽي ۾ شموليت تي سڀ خوش آهن. هن چيو ته نديم افضل جو پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو فيصلو علائقي، تحريڪ انصاف توڙي پاڪستان لاءِ درست ثابت ٿيندو. تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته مون سان ان وقت تائين وفاداري ڪرڻي آهي، جيستائين حق جي رستي تي آهيان، پنهنجي قوم سان وفادار آهيان پر مان ماڻهن کي دوکو ڏيان ۽ غريبن جو پئسو چوري ڪري محل ٺاهيان ته منهنجي وفاداري ڪندڙن کي الله سزا ڏيندو. عمران خان چيو ته ڪرپٽ حڪمران پئسو چوري ڪري ٻاهر ٿا کڻي وڃن، جڏهن ته ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به ناهي. سندس چوڻ هو ته هاري سڄو سال ڪمند تي محنت ڪن ٿا پر جڏهن اهي ڪمند فيڪٽري کڻي وڃن ٿا ته ڪير به انهن کي مناسب اگهه نٿو ڏئي، جيڪو ظلم آهي. هن چيو ته جنهن ملڪ يا قوم ڪمزور طبقي جي مدد نه ڪئي، ان ڪڏهن ترقي ڪئي ئي نه، ڀٽو ازم روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان آهي پر پ پ ان کان پوئتي هٽي وئي آهي. ٻئي طرف ق ليگ جي ايم پي اي عامر سلطان چيمه به عمران خان سان ملاقات ڪري تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تحريڪ انصاف جي 22 هين يوم تاسيس تي ڪارڪنن کي مبارڪون ڏنيون آهي ۽ يوم تاسيس جي موقعي تي خاص ويڊيو پيغام ۾ هن چيو ته 22 سال اڳ تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو ويو هو،  توهانکي ان سالگرهه کي شاندار طريقي سان ملهائڻو آهي. عمران خان چيو ته ان لاءِ توهانکي 29 اپريل تي مينار پاڪستان پهچڻو آهي،  اسان مينار پاڪستان جي ڇانو ۾ خوشيون ملهائينداسين ۽ ان ئي موقعي تي آئون نئين پاڪستان جي تعمير جي پنهنجن خوابن جو تفصيل توهان جي سامهون رکندس.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر گهرائڻ لاءِ ن ليگ ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر طلب ڪرڻ جي لاءِ مسلم ليگ (ن) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے