15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز:ڪنڌڪوٽ: قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج

*ڪنڌڪوٽ ۾قومي  عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين پاران مغوين جي بازيابي ، وڌندڙ بد امني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

  قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سول سوسائيٽي،سياسي سماجي تنظيمن عبدالغني بجاراڻي، سجاد بروهي،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ، بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن  ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو تھ  38 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل مرتضي سرڪي،4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل غالب ۽ نثار لاشاري ۽ 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل انعام گولو کي پوليس مڪمل طور تي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام  ٿي وئي آهي.

هنن وڌيڪ چيو تھ شهر مان امن  جو پکي اڏامي ويو آهي،  لاقانونيت ۽ بدامني هر طرف نظر اچي رهيو آهي.

هنن چيو تھ  بدامني سبب شهرين جون ننڊون حرام ٿي وين آهن  پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ پوليس جي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي،  مغوين کي آزاد ڪرائي  انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : 653 شاگردن ۾ شوز ورهايا ويا

ميرپورخاص ويجهو ڪوٽ غلام محمد شهر جي قائداعظم ايليمينٽري ڪيمپس اسڪول ۾ 653 شاگردن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے