18 جمعرات , اکتوبر 2018

شوبز ۾ مردن نه پر عورتن جنسي طور هيسايو آهي: رابي پيرزاده

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گلوڪاره ۽ اداڪاره رابي پيرزاده دعويٰ ڪئي آهي ته شوبز ۾ مون کي مردن نه پر عورتن جنسي طور هيسايو آهي.انسٽا گرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي رابي پيزاده چيو ته ميشا شفيع پبلسٽي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ايئن ڪا عورت هراسان نه ٿيندي آهي، شوبز جي دنيا ۾ گهريلو جهيڙن کان ويندي طلاق يا ميل ميلاپ تائين جيڪي به معاملا ايندا آهن اهي سڀ پبلڪ لاءِ هوندا آهن. هن چيو ته مان به ڊگهي عرصي کان وٺي شوبز انڊسٽري ۾ آهيان، جيڪڏهن توهان عزت ڏيندا ته توهان کي عزت ملندي آهي، اسان جي معاشري ۾ عورتون مي ٽو مهم جو غلط استعمال ڪري رهيون آهن.  سندس چوڻ هو ته ماڻهو مون تي تنقيد ڪندا آهن ته توهان ۽ اداڪاره ميرا پبلسٽي اسٽنٽ ڪندا آهيو، جنهن تي مان چوان ٿي ته مون کي ڇا ملندو سڀ ڪجهه ڪري، مان اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪنديس. رابي پيزاده چيو ته عورتن لاءِ مردن تي هيسائڻ جو الزام هڻن تمام گهڻو سولو ڪم آهي، مون کي ايئن ڪرڻو هجي ته مان به ڪنهن تي الزام هڻي ڇڏيان پر ايئن ڪرڻ درست ناهي. هن چيو ته مان شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو ته مون کي مردن عزت ڏني پر عورتن هيسائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر اهڙين ڪوششن کي نظرانداز ڪري فاصلو برقرار رکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”ساهو“ جي رليز واري تاريخ پرڀاس جي سالگرهه تي پڌري ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور فلم ”باهو بلي“ جي اداڪار پرڀاس جي نئين فلم ”ساهو“ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے