19 جمعہ , اکتوبر 2018

اميد آهي ته ٽرمپ ايران سان جوهري معاهدو ختم ڪندو: فرانسيسي صدر

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانيول ميڪرون جو چوڻ آهي ته منهنجي خيال ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جوهري معاهدو ختم ڪري ڇڏيندو. آمريڪا جو ٽن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ روانگي کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران فرانسيسي صدر چيو آئون اِهو يقين سان نٿو چئي سگهان ته ڊونلڊ ٽرمپ 12 مئي تي ايران سان ٿيندڙ جوهري معاهدي تي فيصلو وٺندو پر اِهو يقين سان چئي ٿو سگهان ته آمريڪي صدر معاهدي کي گند پيٽي ۾ ڦٽو ڪري سياسي خدشا ختم ڪندو. ايمانيول ميڪرون چيو ته اوول آفيس ۾ آمريڪي هم منصب سان ٿيل پرائيويٽ ملاقات ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جوهري معاهدي تي تنقيد ڪندو رهيو.  هن چيو ته آمريڪي صدر کي ٻڌايو ته جوهري معاهدي جي خاتمي سان پت وائکي ٿي ويندي ۽ منهنجي خيال ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ نٿو چاهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خاشقجي معاملو: آمريڪي پرڏيهي وزير جي سعودي کانپوءِ ترڪ اختيارين سان ملاقات

انقرا + رياض (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پنهنجي ترڪ هم منصب مولود …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے