17 بدھ , اکتوبر 2018

رياست ۽ ملڪ جي نظام تي مذهب کان بيزار قوتن جو قبضو آهي: مولانا فضل الرحمان

پشاور(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ظاهري طور اسلامي ملڪ چورائي پر نظام مان لبرل تصور ڪيو وڃي،  رياست ۽ ملڪ جي نظام تي مذهب کان بيزار قوتن جو قبضو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته چيو ويندو آهي ته هي روشن خيالي آهي، اسان کي دنيا سان گڏ هلڻو آهي، جي يو آءِ  سياسي قوت بڻجندي ۽ پاڪستان حقيقي رياست ۾ تبديل ٿيندو. جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته هڪ صاحب تقرير ڪئي اليڪشن ايندي ئي مولوي صاحب کي اسلام ياد اچي ويو، اسان نظرياتي ماڻهو آهيون، قوم کي ووٽ ڏئي پنهنجو فرض ادا ڪرڻو آهي. هن مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته تعليمي نظام تي ورڇ توهان جي آهي اسان علم کي رڳو علم ئي سمجهندا آهيون، ڇا 70 سالن ۾ ملڪ جي تعليمي نظام ۾ قرآن ۽ سنت کي جاءِ ڏني؟ اڄ ڪنهن جي ڪري مدرسا ۽ اسڪول ورهايل آهن، ڪنهن جي ڪري مولوي ۽ مسٽر ورهايل آهن، ذميواري کي سمجهو. مولانا فضل الرحمان چيو ته نظريي جي بنياد تي ووٽ وٺي پارليامينٽ ۾ 5 سال حقن جي جنگ وڙهندو رهيس، اسان کي قوم ڌاري ۾ آڻڻ چاهن ٿا ته اچو سودو ٿا ڪيون، اسان قومي ڌاري ۾ اينداسين توهان اسلام جي ڌاري ۾ اچو، عالمن ملڪ ۾ قومي ٻڌي پيدا ڪئي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے